اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاپوليشن ڪائونسل جي صدر ڊاڪٽر رانا حاجيه جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ملاقات ڪ??ي. ??لاقات ۾ پاپوليشن ڪائونسل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر زيبا ستار ۽ ناڻي واري وزارت جا سينيئر عملدار به موجود هئا. ملاقات ۾ آ??اد??ءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ، آ??اد??ات?? تبديلين ۽ ان جا پاڪستان جي ترقي ۽ معيشت تي اثرن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي. ??اڻي واري وزير آ??اد??ءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ جي پاڪستان جي ترقياتي هدفن تي پوندڙ چئلينجز تي روشني وڌي. هن زور ڀريو ته آ??اد??ءَ جي رجحانن کي سمجهڻ ۽ انهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڊگهي مُدي وارن پائيدار ۽ شاهدين ت?? ٻَڌل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ناڻي واري وزير صحت، تعليم، روزگار، شهري ترقي ۽ ماحوليات جهڙن اهم شعبن ۾ ان آ??اد??اتي سببن کي شامل ڪرڻ تي زور ڀريو ته جيئن سماجي، معاشي، ترقي جي مڪمل صلاحيت کي ڪتب آڻي سگهجي. ڊاڪٽر رانا حاجيه ۽ ڊاڪٽر زيبا ستار پاپوليشن ڪائونسل جي موجوده تحقيق ۽ قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو جيڪي ان مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن. وفد پاڪستان جي پائيدار ترقيءَ جي هدفن سان هم آهنگ، جامع ۽ ڊيٽا ت?? ٻَڌل پاليسيءَ جي جوڙجڪ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. هيءَ ملاقات پاپوليشن ڪائونسل ۽ ناڻي واري وزارت وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي مستقبل تي آ??اد??ءَ ۾ واڌ جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اهم آهي.