اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي ??زي?? عبدالعليم خان چيو آهي ته ملڪ ۾ پائي??ار صنعتي ترقي ۽ معاشي بهتريءَ لاءِ سيڙپڪاري ڪندڙن کي پُرڪشش منافعو ملڻ گهرجي، جنهن سان روز??ار ۾ واڌ ۽ هر شعبي ۾ ان جا مثبت اثر پيدا ٿيندا. اهڙو اظهار هن ملٽي ني??نل ڪمپني سي سي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ??ري?? ياهي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۾ بزنس کي هٿي ڏيڻ سميت سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وفاقي ??زي?? چيو ته 24 ڪروڙ جي آباديءَ جي پاڪستان ۾ ڪارو??ار ڪرڻ جا بي پناهه موقعا موجود آهن، جنهن سان ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي فائدو کڻڻ گهرجي. وفاقي ??زي?? چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ بزنس جون وڌيڪ سهولتون ڏئي رهيا آهيون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان ۾ ڪارو??ار ڪرڻ ۽ سرمايو لڳائيندڙن کي عملي طور ساز??ار ماحول ۽ پُرڪشش سهولتن جو احساس هجي. وفاقي ??زي?? وڌيڪ چيو ته حڪومت جي هاڪاري قدمن سان ناڻي واڌ جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي جيڪو انتهائي ساراهه جوڳو عمل آهي، ان سان نه صرف مستقبل ۾ ڪارو??ار وڌندو پر سالياني اؤسر واري شرح ۾ به بهتري ايندي. وفاقي ??زي?? چيو ته پاڪستان جي آباديءَ جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻَڌل آهي ۽ اسان کي انهن جي ڪاروباري رجحان کي سامهون رکڻو پوندو. هن چيو ته ترڪيه جا ڪاروباري ادارا دل جي ويجهو آهن انهن سان خاص تعاون کي يقيني بڻائينداسين. هن ??ري?? ياهي جي ترڪيه سان وابستگيءَ کي ساراهيندي کيس پنهنجي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.