اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳ??ڻي ايم اين اي مخدوم سيد علي حسن گيلاني جي ٽريفڪ حادثي ۾ لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ??يوان صدر جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب مخدوم سيد علي حسن گيلاني جي لاڏاڻي تي صدر م??لت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي پارٽي ۽ جمهوريت لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر مملڪت مرحوم سيد علي حسن گيلاني جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت مرحوم جي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.