اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ڊيٽا نيٽ ورڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، مصنوعي ذهانت ۽ فائيو جي ۾ ايجادون جٽادار ترق??ءَ جهڙن چئلينجن کي مُنهن لاءِ اهم آهن، اسان جي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي وڌائڻ، جامع، محفوظ ۽ جٽادار ٽيڪينالاجي جي ترق??ءَ لاءِ علائقائي تعاون ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي سانوگ 42 ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت جي ڪيترن ئي قدمن ذريعي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهيون، اسان اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪس شروع ڪيا آهن ۽ اسان نيشنل انڪيوبيشن سينٽرن ذريعي 1300 کان وڌيڪ اسٽارٽ اپس کي تعاون فراهم ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جي ڊجيٽل پاڪستاني پاليس??ءَ جو مقصد اي گورننس، سائبر سيڪيورٽي ۽ انٽر پرينيئورشپ کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته ٽيليڪام سيڪٽر اسان جي معيشت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. 2025ع جي شروع ۾ فائيو جي اسپيڪٽرم نيلامي سان گڏوگڏ فائبرائزيشن پاليسي ۽ اسپيڪٽرم شيئرنگ جهڙيون قومي پاليسيون ترق??ءَ کي وڌيڪ هٿي ڏينديون. هن چيو ته پاڪستان سائبر سيڪيورٽ??ءَ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، آءِ ٽي يو 2024ع گلوبل سائبر سيڪيورٽي انڊيڪس ۾ سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي، اها اڳڀرائي اسان جي مضبوط عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته اسان جو آءِ ٽي سيڪٽر ترقي ڪري رهيو آهي، روانگي واپار پهريان ئي 3 ارب ڊالرن کان وڌي ويو آهي. هن چيو ته مقامي قدمن جهڙوڪ گوگل طرفان ڪروم بُڪ جي تياري ۽ اسلام آباد جي ماڊل ڊجيٽل سٽي ۾ تبديلي اسان جي جاري آءِ ٽي منظرنامي جو ثبوت آهي، اسان خاص طور تي سائبر سيڪيورٽ??ءَ ۾ ??ست??بل لاءِ هڪ هنرمند افرادي قوت کي يقيني بنائڻ لاءِ نوجوانن جي تربيت تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اسان جي جامع پاليسين جو مقصد پهچ کي وڌائڻ، سگهه، جدت، مسلسل ترقي ۽ عالمي مقابلي کي يقيني بڻائڻ آهي، اسان سانوگ جي تجربي مان فائدو کڻندي پوري ڏکڻ ايشيا ۾ ڀائيواري کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان جي توجهه پاليسي جي ترتيب، صلاحيت جي تعمير، انٽرنيٽ ايڪسچينج، پوائنٽس ۽ نيٽ ورڪ کي بهتر بنائڻ تي آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي آءِ ٽي شعبي جي ترق??ءَ لاءِ عالمي ڀائيواري ۽ سيڙپڪار??ءَ جي دعوت ڏيون ٿا.