اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري ??فاقي و??ير احد خان چيمه پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياست ڪرغزستان وچ ۾ ٻطرفن واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ٻطرفن معاهدن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪرغزستان جي ناڻي و??ري ??زير دانيارا منگلديوف جي قيادت ۾ ڪرغزستان جي وفد سان ملاقات ۾ چئي، اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ٿي جنهن سان پ??ڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ جاري دوستي ۽ حصيداري جي عڪاسي ٿي رهي آهي. وفاقي و??ير شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين ??ائونسل جي سربراهن جي اجلاس ۾ ڪرغزستان جي وفد جي شرڪت کي ساراهيو. اجلاس ۾ ڌرين واپار ۾ اضافي جي اهميت تي اتفاق ڪيو جيڪو هن وقت8.63ملين ??الر آهي. وفاقي و??ير ٻڌايو ته مالي سال2023ع ۾ پاڪستان جو ڪرغزستان ڏانهن روانگي و??پار جو ڳاڻيٽو 3.33 ملين ??الر ۽ آمدني و??پار 5.3 ملين ??الر رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اضافو ضروري آهي. هن انهن انگن اکرن کي وڌائڻ ۽ موجوده واپاري عدم توازن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي و??ير نومبر 2023ع ۾ ٿيل پاڪ – ڪرغزستان بين الحڪومتي ڪميشن جي چوٿين اجلاس جي مثبت نتيجن جي تصديق ڪئي ۽ پاڪستان طرفان انهن معاهدن تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ واپار، زراعت، توانائي، کاڻين، ڊجيٽل ترقي، سياحت، صحت، بئنڪنگ ۽ تعليم جهڙن مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي. احد خان چيمه زراعت ۽ واپار جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايندڙ پنجين اجلاس جي ميزباني جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان طريقيڪار ذريعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي و??جايو. ملاقات ۾ هڪ ٻي اهم رخ، ”ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ“ ۽ زراعت ۽ واپار ۾ تعاون لاءِ لاڳاپيل مفاهمت جي يادداشتن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ هو. وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان ڏس ۾ گڏيل واپار جي حقيقي صلاحيت مان فائدي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.