اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ت?? ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي نگراني ۾ ٿيندڙ کل جوڳي چونڊن جي پهرين مرحلي جي عالمي قانون جي نظر ۾ ڪا قانوني اهميت نه آ??ي. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل لاڳاپيل قراردادن ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته ڪو ٻيو عمل ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ڏيڻ جو متبادل نه ٿو ٿي سگ??ي. ??ن چيو ت?? ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 14 سياسي پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪيترائ?? سياسي اڳواڻ نظربند آهن، ان لاءِ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ اهڙي چونڊ مشق صحيح نه آهي.