اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پ?? پي) دفاع وا??ي وفاقي وزير خواجه محمد آصف چي?? آهي ته سياسي اختلاف جم??وريت جو حسن آهن، انهن کي ذاتي دشمني ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي، جم??وريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان جي قدر ۽ منزل کي وڌائڻو پوندو. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه محمد آصف چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين سان ڪنهن کي اختلاف نٿو ٿي سگهي، هائوس ۾ اسان جي وابستگي پارٽي سان ضرور آهي پر ايوان جون ذميواريون به اسان کي ادا ڪرڻيون آهن.سياسي اختلاف جم??وريت جو حسن آهي ۽ ان کي ذاتي دشمني ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ميثاق جم??وريت ذريعي پ??ريون ڀيرو ٻن پارٽين ان سوچ جو بنياد رکيو ته اسان کي گڏجي پارلياماني جم??وريت جي حفاظت ۽ ان کي اڳتي وٺي وڃڻ?? آهي. ان سفر ۾ رڪاوٽ آئي پر ڪٿي به اهڙو وقت نه آيو. اسان 90 جي ڏهاڪي واري تلخي طرف واپس نه وياسين، 2013ع ۾ جڏهن ڌرڻو هنيو ويو ته اداري جي وقار ۽ سربلندي لاءِ سموريون پارٽيون متحد ٿي ويون، پارليامينٽ جي عمارت تي قبضو ٿيو، اسان پوئين دروازي مان هن عمارت ۾ داخل ٿيندا هئاسين. پ پ پ ان وقت ميثاق جم??وريت جي روح موجب عمل ڪيو. هن چيو ته نواز شريف، زرداري صاحب، زرداري جي ڀيڻ ۽ آئون پاڻ جيل وي?? آهيان، ڪنهن جو پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيو، اسان هائوس جي قدر ۽ منزل کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جم??وريت ۾ ايئن ٿيند?? آهي، اسان جي جم??وريت اڃان تائين پنهنجي پ??رن تي بيهي نه سگهي آهي. اسان کي جم??وريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻو پوندو ۽ ان جي قدر ۽ منزل کي وڌائڻو پوندو.هن چيو ته اسان کي پروڊڪشن آرڊرز تي ڪو به اعتراض ناهي، جلسي ۾ جيڪا تقرير ٿي ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جيڪا زبان استعمال ڪئي جيڪڏهن هو ائين نه ڪري ها ته اهو واقعو نه ٿئي ها. جيڪڏهن اهو ري ايڪشن ۾ نه هجي ها ته مان ان جي مذمت ڪريان ها، اوهان جڏهن حدون ڪراس ڪريو ٿا، اوهان جڏهن وفاق، آئين کي چئلينج ۽ جم??وريت جي قدرن کي ڪمزور ڪريو ٿا، جڏهن اوهان لشڪر ڪشي جي ڳالهه ڪريو ٿا ۽ نالو وٺي ڄڃ وٺي اچڻ جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اها جم??وريت ۽ آئين لاءِ خودڪشي جي برابر آهي، جلسي ۾ ڪيتريون ئي لائينون ڪراس ??يو?? آهن، وفاق، آئين ۽ جم??وري قدرن جي حدن کي پائمال ڪيو ويو. اسان جا اڳواڻ به گرفتار ٿيا آهن پر اسان ان کي اشو نه بڻايو، نظام کي برقرار رکڻ لاءِ اسان پنهنجو ڪردار جاري رکيو ۽ اسان اها ٻولي نه ڳالهائي جيڪا جلسي ۾ ڳالهائي وئي. عدالتن مان پنهنجي اڳواڻن کي آزاد ڪرائڻ تي ڪو به اعتراض ناهي. جيڪڏهن اهو سلسلو رهيو ته آئين ۽ ادارا مفلوج ٿي ويندا. سياست ۾ جيڪا تلخي آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي. زرداري صاحب ڪنهن سزا کانسواءِ 11 سال جيل ۾ رهي?? آهي، ٻئي طرف ڪيس موجود آهن انهن لاءِ آئين کي ڪمزور نه ڪيو وڃي ۽ ملڪي حدن کي ڪراس نه ڪيو وڃي. هن چيو ته تلخين ۾ گهٽتائي ۽ هائوس جي بقاءَ لاءِ اسپيڪر کي پ??هنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مسئلا سراسري گهٽجي رهيا آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي. مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان اضافو ٿي?? آهي جنهن سان سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪ تي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ايوان کي فعال بڻائڻ لاءِ اسپيڪر کي رستو ڪڍڻ گهرجي.