اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چي?? آهي، ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح هڪ عظيم اڳواڻ ۽ ذهين انسان هو، پاڪستان جو ٺهڻ سندس اڻٿڪ ڪوششن جو نتيج?? آهي. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم وفات تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ??ه قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪ??ي الڳ ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي پاڪستان جو وجود کي عملي جامو پهرايو. پاڪستان جو قيام قائداعظم محمد علي جناح جي اڻٿڪ ڪوششن جو نتيج?? آهي، پوري قوم پاڪستان جي باني جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ سدائين سندس احسانمند رهندي، باباءِ قوم جي دورانديشي ۽ سياسي ڏاهپ ق??م جي تقدير بدلائڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جهڙا رهنما اصول ڏنا. هن چيو ??ه اڄ اسان کي جن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهي?? آهي، انهن تي ضابطو آڻڻ جو واحد رستو قانون ۽ آئين تي عملدرآمد ڪرڻ سان آهي. اسان کي پاڪستان جي باني جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ هر قسم جي اختلافن کان مٿانهون ٿي امن، ترقي ۽ جمهوري روين کي پروان چاڙهڻ گهرجي. سيد يوسف رضا گيلاني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي قائداعظم جي نقش قدم تي هلندي وطن عزيز جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.