اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪندي پاڪ فوج جي ٽن جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ ملڪ جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ ش??يد?? کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد قوم جو فخر آهن، پوري قوم احسان مند رهندي، سيڪيورٽي فورسز بهادري سان دهشتگردن جي دراندازي ڪوششن ک?? ناڪام بڻاي??، دهشتگردن ک?? ختم ڪيو. صدر چيو ته پاڪ فوج جي حب الوطني ۽ ايثار جي جذبي کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي، پوري قوم پنهنجي ش??يد?? کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، قربانيون نه وساريندي. صدر ش??يد?? جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.