اسلام آباد – 22 – ??ئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي فروغ، آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ ۽ اسٽارٽ اپس کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان آءِ ٽي پارڪس جو قيام خوش آئنده آهي، اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جي تعمير جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جو منصوبو ايندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو، 2025ع ۾ سڄي ملڪ ۾ 100 نوان اي – روزگار مرڪز ۽ 10 نوان سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ان??ار??يشن ٽ??ڪنالاجي پارڪس جي حوالي سان اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي جي فروغ، آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ ۽ اسٽارٽ اپس کي سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان آءِ ٽي پارڪس جو قيام خوش آئنده آهي. هن هدايت ڪئي ته اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جي تعمير جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪس جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ٿ??ڊ پارٽي ايويليوايشن ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس کي ان??ار??يشن ٽ??ڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت پاران آءِ ٽي پارڪس جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جو منصوبو ايندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو. اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ ۾ اسٽارٽ اپس، انڪيوبيشن سينٽرز، بئنڪس، ريسٽورانٽس ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو ان??ار??يشن ٽ??ڪنالاجي پارڪ جو منصوبو 2027ع تائين مڪمل ٿيندو. اجلاس کي وڌيڪ آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ 29 شهرن ۾ 43 سافٽ ويئر ٽيڪالاجي پارڪس قائم ڪيا ويا، 2025ع ۾ سڄي ملڪ ۾ 100 نوان اي – روزگار مرڪز ۽ 10 نوان سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪس قائم ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ان??ار??يشن ٽ??ڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزا فاطمه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.