اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آذربائيجان کي ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ??يزباني حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪوپ – 29 جي ??تيجي ۾ اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ مالياتي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري آذربائيجان جي ??احولياتي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار بابائيف سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت ??ي زور ڏيندي چيو ته ماحول دوست ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، وڻڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ گرين هائوس گئسن جو اخراج گهٽ ڪرڻو پوندو، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي سان گليشيئرز متاثر ٿي رهيا آهن، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي پاڻي جي کوٽ جو سبب به بڻجي رهيا آهن، ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ عالمي تعاون گهربل آهي. صدر چيو ته پاڪستان لکين هيڪٽرز تي تمر جا ٻيلا لڳايا آهن، تمر سان پاڪستان کي ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ، ماحولياتي تحفظ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آذربائيجان سان گڏيل مفادجي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اءِ وڌيڪ رابطن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ??احوليات واري وزير مختار بابائيف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ??چ ۾ سياحت ۽ ثقافت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ضرورت ??ي زور ڏنو. آذربائيجان جي ??احوليات واري وزير نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 29 ڪانفرنس ۾ شرڪت جو دعوتنامو صدر کي پهچايو. صدر ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ڪامياب ميزباني جي ??اءِ نيڪ خواهشن ج?? اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آذربائيجان ماحولياتي لحاظ کان اسرندڙ ملڪن جي ??فادن جي تحفظ جي ??اءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.