برسلز – 21 – مارچ (ا?? پي پي) پرڏيهي وزير ??سحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ 2024ع جي موقعي تي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان في??ان سان مل??قات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪيه جي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ??سحاق ڊار ائٽمي توانائي ۽ ايپلي ڪيشنز ۾ تجربي ۽ مهارت جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.