اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??اج??ڙ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پوري قوم سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پوليو ورڪرز کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سا?? تعزيت جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي ۽ کين هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چي?? ته پوري قوم سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پوليو ورڪرز کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چي?? ته دهشتگرد ڪڏهن به پن??نجي ڪڌي مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. نگران وزيراعظم چي?? ته ملڪ مان پوليو وائرس جي مڪمل خاتمي تائين پوليو جي خاتمي واري مهم ڀرپور طريقي سان جاري رهندي، عوام پوليو ويڪسين جي حوالي سان ڪنهن به منفي پروپئگنڊه جي دوکي ۾ نه اچي. هن چي?? ته الزهره يونيورسٽي ۽ سڄي دنيا جا عالم پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي توثيق ڪري چڪا آهن.