اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سي??حت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تيونس، روس، ترڪيه، بلغاريه، بوسنيا، تاجڪستان، جاپان، چيڪ ريپبلڪ، ڏکڻ ڪوريا ۽ برازيل جي اعزازي ڪائونسل جنرلز سان ملاقات دوران ڳ??له??ئيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي عالمي لاڳاپن ۽ واپار جي فروغ ۾ اعزازي ڪائونسل جنرلز جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳ??له??ئيندي صدر دوست ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پا??ستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سي??حت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اعزازي ڪائونسل جنرلز پا??ستان جي صنعت ۽ واپار وارن ايوانن سان رابطا وڌائين، پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. صدر چيو ته اعزازي ڪائونسل جنرلز پا??ستان ۾ سيڙپڪاري راغب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ملاقات ۾ صدر غزه جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جنگبندي جي ضرورت تي پڻ ??ور ڏنو.