اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي معاملن و??ري خصوصي نمائندي مولانا طاهر اشرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان مو??ب ملاقات ۾ وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ??ئي. ملاقات ۾ غزه ۾ غاصب صيهوني ف??ج پاران معصوم فلسطينين تي ج??ري نسل ڪشي ۽ ظلمن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي ??ئي آهي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته عالمي قوتن کي ف??سطينين تي ج??ري ظلم کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ مولانا طاهر اشرفي ف??سطينين خاص طور تي غزه جي صورتحال جي حوالي سان تمام جلد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي اجلاس جي آجيان ڪئي. مولانا طاهر اشرفي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ حڪومتي قدمن تي نگران وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم مولانا طاهر اشرفي جي بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ??اءِ ڪوششن کي ساراهيو.