اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ??ڪت??ڻ جو مُنڍ آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم آهي، سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو فوبيا عالمي امن ۽ سل??مت?? جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي يوسف ايم الدوبي ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم او آءِ سي جي وفد جي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري جي آجيان ڪئي. هن ڪشمير ڪاز جي حمايت ۾ او آءِ سي جي مسلسل ڪوششن کي ??اص طور تي 5 ??گسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي ڏس ۾ ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام کي ??و آءِ سي مان تمام گهڻيون اميدون آهن. نگران وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ??ڪت???? جي پاڙ آهي، ان جي حل سان ئي خطي ۾ امن قائم رهي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سل??مت?? ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم آهي. پنهنجي خودمختياري جي حق حاصل ڪر?? جي لاءِ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي زبردست قربانين کي ??جاگر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪشميرين حمايت جي لاءِ سدائين او آءِ سي ۽ مسلمان امت طرف ڏٺو آهي. نگران وزيراعظم سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو فوبيا جي عروج تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو عالمي امن ۽ سل??مت?? جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي، انهن قوتن جو مقابلو ڪر?? جي لاءِ ڪوششون تيز ڪر?? جي ضرورت آهي. يوسف ايم الدوبي نگران وزيراعظم کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي اصولي موقف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته او آءِ سي ڪشمير ڪاز جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ او آءِ سي جي خصوصي ايلچي جي حيثيت سان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ سندس پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو انهي عزم جو اظهار ڪيو.