اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته معيشت کي درپيش پراڻن چئلينجز جي حل جي لاءِ ميثاق معيشت ۽ جمهوري تسلسل ضروري آهي، معاشي استحڪام جي لاءِ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات حوصلي جوڳي رهي آهي، رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي بيدخل نه پيو ڪيو وڃي، سول ادارن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري بهتر اسلوب حڪمراني کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. پي ٽي وي جي اينڪرز ۽ وي لاگرز کي پينل انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم چيو ته نيويارڪ مان واپسي تي جهاز جي ري فيولنگ جي لاءِ فرانس ۾ رڪجڻو پيو، سوشل ميڊيا تي بي بنياد خبرون ڦهلايون وڃن ٿيون، تعميري تنقيد جي آجيان ڪري??ن ٿا، ڊيجيٽل ميڊيا جي هن دور ۾ الزام جو عنصر نمايان ٿي رهيو آهي جنهن کان ??سان ??ي مذهب صديون اڳ روڪيو هو ان ??و هاڻي اسان ??ڪار ٿي رهيا آهيون اها وڏي بيماري آهي جتي متاثر شخص کي وضاحت جو موقعو به نه ٿو ملي، اظهار راءِ جي آزادي جي نالي تي غلط خبرون ڦهلائڻ افسوسناڪ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وچ اوڀر جي حوا??ي سان پاڪستان ??و موقف واضح آهي ان ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، اسان ??سرائيل کي غاصب رياست ۽ فلسطين کي مظلوم سمجه??ن ٿا، اها ظالم ۽ مظلوم جي جنگ آهي، گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان ??المي سطح تي ٻن رياستن جي تصور جو حل تجويز ڪيو ويو آهي جڏهن ته بدقسمتي سان ??سرائيل ڄاڻايل حل کان ??نڪاري آهي جنهن جي ڪري وچ اوڀر ۾ ڏکائيون وڌي رهيون آهن ۽ اسلامي دنيا ۾ فلسطين ۽ ڪشمير جي ڪري بنياد پرستي جو عنصر نمايان ٿيندو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران وزيراعظم طور ذميواريون ادا ڪرڻ کانپوءِ هو پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪندو رهندو، ان ??ي لاءِ ضروري نه آهي ته ڪنهن سياسي پارٽي جو عهديدار يا ڪنهن پارليامينٽ جو ميمبر هجان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بطور نگران وزيراعظم سندس پهريون اجلاس توانائي جي حوا??ي سان ٿيو، ان وقت جون ۽ جولاءِ جا 14 رپيا في يونٽ اضافي وجهڻا پيا، ان ??ي اسان ??ي مٿان ??نقيد به ٿي پر اهو عالمي مالياتي فنڊ سان معاهدي جو حصو هو، اسان ??ن سان ڳالهه به ڪئي، مون سان منسوب اهڙيون ڳالهيون به ڪيون ويون جيڪي مون نه چيون، ان ??وا??ي سان ميڊيا کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، جڏهن انرجي جي شعبي کي ويجهي کان ڏٺو ته ان ??ي مسئلن کان ??گاهي ??ي، تمام گهڻي مهانگي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، بجلي چوري درپيش آهي، لائين لاسز سميت ٻين مسئلن کان ??گاهي ٿي. هن چيو ته پنهنجي مختصر دور ۾ چاهي??ن ٿا ته اسان هڪ اهڙو ماڊل ڏئي وڃون جو ايندڙ حڪومتون ان کي کڻي اڳتي وڌن، اسان 18 ارب رپين جي بجلي جون اوڳاڙيون ڪيون، مهانگائي جو بنيادي سبب بري ۽ ڪمزور حڪمراني هوندي آهي جنهن جو اثر ڪمزور ۽ پيڙهيل طبقي تي پوي ٿو جڏهن ته اشرافيه جو هڪ طبقو اهڙو به آهي ته جيڪڏهن بجلي جي قيمت ٻيڻي به ڪري ڇڏيون ته ان ??ي ڪو اثر نه ٿو پوي، صوبن ڏانهن رهتن ۽ سرڪاري ادارن ڏانهن رهتن جي وصولي ٿيڻ گهرجي، ماضي ۾ انتظامي معاملن تي ڌيان نه ڏيڻ سان مهانگائي، گردشي قرض ۽ اسمگلنگ جهڙا مسئلا پيدا ٿيا. چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوا??ي سان ??وال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ??و هوندو، ان ??ا لوازمات ۽ ضرورتون پوريون ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن پنهنجو آئيني ڪم ڀرپور انداز ۾ ڪري رهي آهي، چونڊن جي تاريخ جو مينڊيٽ اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، اسان ??ئيني طور تي ان ??ي معاونت جا پابند آهيون. هن چيو ته معيشت کي درپيش چئلينجز پراڻا آهن، اسان ??نهن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، آئون پنهنجو ووٽ ان پارٽي کي ڏيندس جنهن وٽ معاشي بحالي جو منصوبو هوندو، پاڪستان ??و بنيادي چئلينج معيشت جو آهي ان ??ي لاءِ ميثاق معيشت ۽ جمهوري تسلسل گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ??ا ٻه صوبا دهشتگردي جو تمام گهڻو شڪار آهن، رياست جي ذميواري آهي ته اها ان ??و خاتمو ڪري، دهشتگردي جي خاتمي ۾ پاڪستان نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هن ان ??ي وڏي قيمت به ادا ڪئي، نان ??سٽيٽ ايڪٽرز جي ڪنٽرول ۾ ملڪ جو ڪو علائقو نه آهي، ان ??وا??ي سان ??ن جي منصوبابندي ناڪام بڻائي وئي، افغانستان ۾ نيٽو ۽ اتحادي فوج جي موجودگي جي باوجود ڪيترائي علائقا هٿياربند جٿن جي ڪنٽرول ۾ هئا، اسان پرعزم آهيون ته اسان ??ون فورسز پنهنجي عزم سان ??هشتگردي جو خاتمو ڪنديون، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دهشتگردي جي خلاف جنگ جاري رهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ادارن کي فتح ڪرڻ جي جڏهن به ڪوشش ڪئي وئي ته ان ۾ ڪاميابي نه ٿي ڇو ته ويزن ۽ سالميت جي کوٽ آهي، اسان کي سول ادارن کي مضبوط بڻائڻو پوندو، پاڙيسري ملڪن جي مقابلي ۾ اسان ??ا دفاعي خرچ پوري خطي ۾ گهٽ آهن، افغان نيشنل آرمي جي لاءِ آمريڪا 100 ارب ڊالر خرچ ڪيا. هن چيو ته نگران ??ڪومت آئي پي پيز کي درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ تجويزون جوڙي رهي آهي، چونڊيل حڪومتن کي اهو ڪم ڪرڻ گهرجي ها، اسان پنهنجون ترجيحون ٺاهيون آهن، ڊگهي مدي واريون تجويزون به ڏئي رهيا آهيون، قانوني مسودا به ٺاهي وينداسين، ٻاهريان قرض پروڊڪٽيو رخ ۾ لڳائڻ گهرجن، آمريڪا اسان کان وڌيڪ قرض وٺي ٿو پر هو ان کي پيداواري رخ ۾ لڳائي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان پنهنجي ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ ۽ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي وڌائڻ طرف وڃي رهيا آهيون، زراعت، وڪيلن، ڊاڪٽرن، نجي اسپتال ۽ ريٽيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ چاهي??ن ٿا، ان ??ان ??سان ??ي معاشي صورتحال پاڻ ئي بهتر ٿيڻ شروع ٿي ويندي، آبادي جو رڳو 10 سيڪڙو ٽيڪس ڏئي رهيو آهي. افغان پناهگيرن جي انهن جي وطن واپسي جي حوا??ي سان ??وال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ??جسٽرڊ پناهگيرن کي بيدخل نه ڪري رهيا آهيون پر اهڙن ماڻهن کي ڪڍي رهيا آهيون جن وٽ پاڪستان ۾ رهڻ جا ڪي قانوني دستاويز نه آهن. هن چيو ته نواز شريف جي حوا??ي سان قانون موجب فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته مينوفيڪچرنگ ۽ گهريلو استعمال جي شين جي ايل سيز تي ڪا پابندي نه آهي.