اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ??ن شيطانيت جي تدارڪ جي گڏيل حڪمت عملي ??اهينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي کي مسلمان ??مت جي احساسن جي ترجماني ۽ ان ??يطانيت کي روڪرائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. تورات، انجيل ۽ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي کي تبديل ڪرڻ جي مهم هلائينداسين. مقدس ڪتابن، هستين ۽ شعائر جي بي حرمتي اظهار جي نه دنيا کي مستقل آزار ڏيڻ جي آزادي آهي. هن چيو ته واقعن جو تسلسل ۽ ترتيب ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهو اظهار نه پر سياسي ۽ شيطاني ايجنڊا جو حصو آهي. پوري اسلامي دنيا ۽ مسيحي دنيا کي گڏجي ان ??ازش کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته شيطان ??ا پيروڪار ان ڪتاب جي بي حرمتي ڪري رهيا آهن جنهن انسانن کي عزت ڏني، حق ۽ رهنمائي ڏني. تورات ۽ انجيل جي بي حرمتي جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي سان ??ي حرمتي ڪندڙن جي حوصلا افزائي ٿي. هن چيو ته اهو نفرت جو فروغ آهي جنهن جي عالمي قانون اجازت نه ٿو ڏي. مذهبي جذبا ڀڙڪائڻ، اشتعال انگيزي، دهشتگردي ۽ تشدد تي اتساهڻ جا اهي رويا دنيا جي امن جي لاءِ هاڃيڪار آهن. هن چيو ته اهي رويا قانوني ۽ اخلاقي ٻنهي لحاظ کان ??ي شديد نفرت جوڳا ۽ مذمت جوڳا آهن.