اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ نوان سفارتي انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته پرڏيهي و??ارت ۾ تازو ئي متعارف ڪر??يل انتظامي سڌارن سان ڪارڪردگي ۽ احتساب ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي و??ارت ۾ گذريل هڪ سال دوران ڪيل انتظامي سڌارن جي قدم بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي و??ير چيو ته وزارت ۾ مجموعي طور تي 51 سڌاراجاتي ڪم شروع ڪيا ويا جن ??ان 19 مڪمل طور تي ۽ 3 جزوي طور تي لاڳو ڪيا ويا آهن. آٽوميشن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي عمل، سفارتي، انتظاميا، ماليات ۽ ٻاهرئين ملڪ قونصلر خدمتن ۾ بهتري و??ير?? جي شعبن ۾ 29 قدم پڄاڻي جي مرحلن ۾ آهن. پرڏيهي و??ير عالمي سطح تي و??ارت جي اهم ڪاميابين جو ذڪر ڪيو جن ۾ پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ??ان ڪڍڻ، سي او پي 27 جي ڪامياب ميزباني، او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل ۾ موثر ڪردار ۽ ٻين کانسواءِ لاڳاپن ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌائڻ جون ڪوششون شامل آهن. پرڏيهي و??ير چيو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ فني ترقي سان گڏ طاقت جي شڪل پڻ تبديل ٿي رهي آهي جڏهن ته سفارتي محاذن تي گڏيل رابطن جا نوان اصول بڻجي چڪا آهن. انهن تبديلين جي ڏس ۾ سڌارن جو عمل شروع ڪيو ت?? جيئن راهه ۾ ايندڙ ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏئي سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان هاڻي تيز رفتار ۽ متحرڪ دنيا ۾ رهي رهيا آهيون، اهڙي ۾ ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ گڏيل چئلينجن کان اڳتي رهڻ جي لاءِ گڏيل ڳانڍاپي جي موقف جي ضرورت آهي. هن چيو ته قومي ۽ عالمي حقيقتن ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ضرورت کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي سفارتي معاملن کي موثر انداز ۾ هلائڻ جي لاءِ هڪ مثالي تبديلي کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته تبديلي جي انتظامي سڌارن سمنڊ پار ??اڪستانين جي ڀلائي تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي. پرڏيهي و??ير ٻڌايو ته وزارت جي لاءِ هڪ سڌاراجاتي منصوبي جي مقصد جي لاءِ انهن سمورن لاڳاپيل ڌرين کان معلومات طلب ڪئي جن کان زبردست راءِ ۽ تنقيدي بصيرت حاصل ٿي. هن چيو ته مستقبل جي علم تي ٻڌل معيشت، عالمي حرڪيات جي اهميت کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ جمود کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ تيار ??جڻ گهرجي.