اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊي ڪيئر سينٽرز بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي. بل جو مقصد اسلام آباد ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڊي ڪيئر سينٽرز جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. بل تحت وفاقي حڪومت گهٽ ?? گهٽ 70 ??لا??من وارن ادارن ۾ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڊيئر ڪيئر سينٽرز بل 2023ع تحت گهٽ ?? گهٽ 70 ??لا??من وارا نجي ادارا به ??لا??م?? جي سهو??ت لاءِ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندا. بل تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک رپين تائين جو ڏنڊ هڻي سگهبو. وڌيڪ عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ 6 مهينا قيد جي سزا به ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئي?? جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي.