اسلام آباد – 04 ???جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نانگا پربت ۾ ڦاٿل جبل چاڙهو آصف ??ٽي جي بازيابي جي لاءِ فوري ريسڪيو آپريشن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چوٽيءَ سِر ڪندڙ جي پٽ واصف جي اپيل جو نوٽيس وٺندي گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته آصف ??ٽي جي حفاظت سان واپسي جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيف سيڪريٽري کي چوٽيءَ سِر ڪندڙ جي پٽ واصف سان رابطو ڪندي ان جو حوصلو ٻڌائڻ جي به هدايت ڪئي. واضح رهي ته آصف ??ٽي جو 7 هزار 500 ميٽر جي بلندي تي ڦاسڻ جي اطلاع آهي. چوٽيءَ سِر ڪندڙ جي پٽ واصف سوشل م??ڊي?? جي ذريعي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پنهنجي پيءُ جي مدد جي اپيل ڪئي هئي.