ڪوئيٽا – 31 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل تڪرارن ۽ ٽڪراءُ جي صورتحال کان بچڻ جي لاءِ معمولي نوعيت ??ي ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوامي خدمت ۽ گڊ گورننس جي فروغ ۾ وفاقي ۽ صوبائي محتسبن جو اهم ڪ??دار آهي. هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي صدر چيو ته 2017ع ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت ??ان هن روايتي عدالتي نظام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تڪرارن جي متبادل حل بابت هڪ بل جي منظوري جي لاءِ فعال طور ت?? ڪم ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سيڪيورٽي مسئلن جي ڪري ”زوم ميٽنگز“ جهڙي ??ن لائين سيٽ اپ جي اهتمام جو تجربو به ڪيو ويو آهي ته جيئن عام ماڻهن کي وقت سر انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر چيو ته هن گذريل رات وفاقي محتسب جي 10 ڪيسن کي اڪلايو ۽ عام طور ت?? هو اپيلن جي ڪيسن کي رڳو ڪجهه ڪلاڪن ۾ اڪلائي ڇڏي ٿو. صدر محتسب جي ڪردار بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇو ته هن وقت تمام گهٽ ماڻهو ان جي ڪردار کان واقف آهن. هن سرڪاري آفيسرن ۽ عام ماڻهن جي وچ ۾ رابطن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪ??ڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته اسلام معاشري ۾ امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ماڻهن کي صبر ۽ درگذر ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. ڪا به قوم صحيح معنيٰ ۾ اسلام جي قدرن ۽ تعليم تي عمل پيرا ٿئي ته ان کي ڪنهن غيرملڪي امداد جي ضرورت نه آهي. حضور نبي اڪرم ﷺ ۽ پاڻ ﷺ جي صحابه ڪرام جي ز??دگ?? جي معيار جو ذڪر ڪندي صدر ملڪ جي ايگزيڪيوٽوز کي پڻ چيو ته اهي ان جي پيروي ڪن ۽ عام ماڻهو جي ز??دگ?? جي معيار کي اختيار ڪن. عورتن جي حقن جي اهميت ۽ معاشري ۾ انهن جي شموليت ??ابت ڳالهائيندي صدر چيو ته اسلام پهريون مذهب آهي جنهن عورتن کي وراثت فراهم ڪ??ڻ تي زور ڏنو آهي ۽ قرآن مجيد ۾ ان تي وضاحت سان زور ڏنو ويو آهي. ز??دگ?? جي هر شعبي ۾ عورتن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي صدر عارف علوي چيو ته ملڪ جي 52 سيڪڙو آبادي کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، عورتن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪ??ڻ جي ضرورت آهي.