اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف عمان جي سلطان ه??ثم بن طارق بن تيمور آل سعيد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف عمان جي سلطان ه??ثم بن تيمور آل سعيد کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ڀائراڻن لا??اپ??، خاص طور تي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ?? تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لا??اپ?? جو ذڪر ڪندي هن ٻنهي سامونڊي پاڙيسرين جي وچ ۾ اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عمان جي سلطان وزيرا??ظم جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحال جي لاءِ ٻطرفن لا??اپ?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.