اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاه تي ويو ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي تعزيت جو ??ظه??ر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??يو ته مفتي عبدالشڪور ڪابينا جو هڪ اهم ميمبر هو، هو انتهائي سا??و ۽ نيڪ انسان هو. هن ??يو ته مفتي عبدالشڪور جي اوچتي حادثي ۾ لاڏاڻي تي دل ڏکويل آهي، مون سميت پوري قوم جو?? سموريون همدرديون مفتي عبدالشڪور جي گهرڀاتين سان آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي.