اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا معمول تي ??ڻڻ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان عوامي جمهوري?? چين پاران سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي ??ڻڻ جي شاندار آجيان ڪري ٿو. بيان موجب پاڪستان کي پڪو يقين آهي ته اها اهم سفارتي اڳڀرائي خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿي??دي. ترجمان چيو ته اسان ان تاريخي معاهدي کي ٺوس بڻائڻ ۾ چين جي دورانديش قيادت جي ڪردار کي ??اراهيون ٿا جيڪو تعميري ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي طاقت کي ??اهر ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ان مثبت اڳڀرائي تي سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي قيادت کي ??اراهيون ٿا. بيان موجب پاڪستان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ خال کي ڀرڻ جي لاءِ مسلسل تعاون ۽ هم آهنگي جي ڪوششن جي تاريخ سان گڏوگڏ وچ اوڀر ۽ خطي ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ته اهو مثبت قدم علائقائي تعاون ۽ هم آهنگي جي لاءِ هڪ راهه کي متعين ڪندو.