اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سائب?? ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عاصم قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپ??ري??ن (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اضافي ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. اي پي پي جي هيڊ آفيس اچڻ تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽرن ۽ اداري جي ملازمن سندس شاندار آجيان ڪئي. محمد عاصم (بي ايس 20) انفارميشن گروپ جي 26 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جو آ??يسر آهي. 21 سالن تي ٻڌل سندس پيشيواراڻو ڪيريئر وسيع تجربو رکندڙ آهي. هن پريس انفارميشن ڊپار??مي??ٽ، سائب?? ونگ، وزيراعظم هائوس، آڊٽ بيورو آ?? سرڪيوليشن، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هو ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آ??ي.