اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس پا??ستان ۽ سڄي دنيا جي عورت سفارتڪارن کي پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندي بهترين خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ پا?? کي پيشيواراڻي مهارت جي علامت ثابت ڪرڻ تي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پا??ستان ۽ ٻي?? ملڪن جي عورت سفارتڪارن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته سفارتڪاري جي شعبي ۾ پا??ستان جي عورتن اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن ۽ اهي ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور حصو وجهي رهيون آهن. هن چيو ته انهن خدمت?? ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ وڌيڪ اهو ته پا??ستان جون عورتون سدائين نوان معيار قائم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. ه?? ملڪ جي خدمت ۾ عورت پا??ستاني س??ارتڪارن جي شاندار خدمتن جو اعتراف ڪيو جيڪي روايتي جوش، جذبي ۽ محنت سان پا??ستان ۽ ٻاهرئي?? ملڪ ڪم ڪري رهيون آهن. عورت سفارتڪارن پينل مباحثي ۾ پنهنجي ملڪن جي لاءِ انهن پاران ادا ڪيل اهم ڪردار تي روشني وڌي. بحث ۾ حصو وٺندڙن ۾ پا??ستان ۾ مالديپ جي هاءِ ڪمشنر فرزانه ظاهر، آسٽريا جي س??ير اينڊرياوڪ، پا??ستان ۾ يورپي يونين جي س??ير ڊاڪٽر ??ينا ڪيونڪا، چين جي ناظم الامور پينگ چنڪسو ۽ فلپائن جي ناظم الامور ماريا اگنيس شامل هيون. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي س??ڪريٽري شاهيره شاهد اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ان جي وزارت جو 45 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ مثالي پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪري رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جي 51 سيڪڙو عورت آبادي کي هڪ قابل قدر افرادي قوت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته عورتن جو ڏينه?? ملهائيندي عورتن کي ترقي جي منزل طئي ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي مردن جي تعاون تي ٻڌل ڪردار جو پڻ اعتراف ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ۽ ڊائريڪٽر ??يشيا بحرالڪاهل ممتاز زهره بلوچ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ انهن عورت سفارتڪارن کي ساراهيو جن پنهنجي ملڪن جي لاءِ جوش ۽ جذبي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي س??ارتڪاري جي شعبي ۾ نئين بلندين تي پهچڻ ۽ عالمي سطح تي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ تي پا??ستاني عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.