اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سادگي ۽ بچت جي حوالي ??ان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪم??ٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي ??ان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، فيصلن کي عوام ۾ پذيرائي ملي ??هي، فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه هوندي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي سطح تي ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي پاليسي لاڳو ڪرڻ جي حوالي ??ان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيند?? وزيراعظم چيو ته وفاقي ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي ??ان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، انهن فيصلن تي عملدرآمد سان قومي خزاني جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته انهن فيصلن کي عوام ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي ??هي جڏهن ته موثر نتيجن جو دارومدار قدمن تي ڀرپور عملدرآمد ۾ آهي. وزيراعظم سادگي ۽ بچت جي حوالي ??ان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪم??ٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر جي نمائندگي هوندي. هن هدايت ڪئي ته ڄاڻايل فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه هوندي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. ڄاڻايل ڪم??ٽي جي اجلاس جي صدارت جو موقعو ڪم??ٽي ۾ موجود هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر کي ڏنو ويندو. ڪم??ٽي جي ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو خاص معاون محمد جهانزيب خان، وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته ان ڪم??ٽي جو اجلاس هڪ مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا من??قد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاق?? وزير راڻا تنوير حسين، قومي غذائي تحفظ واري وفاق?? وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره، پاور ڊويزن واري مملڪت?? وزير هاشم نوتيزئي، وزيراعظم جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.