اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ??ريم نواز شريف خميس ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي سرگوڌا پهچندي جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مريم نواز شريف سڀاڻي 24 فيبروري تي سرگوڌا ۾ تنظيمي اجلاس جي صدارت ڪندي. اجلاس ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. مريم نواز سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ و??گ جي عهديدارن سان به ملاقاتون ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز پهرين فيبروري کان تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي ??هي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ??ويزن جا دورا ڪري چڪي ??هي.