اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ا??لامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان 8 مارچ تي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”اسلام ۾ عورتون: اسلامي دنيا ۾ عورتن جي حقن ۽ سڃاڻپ کي سمجهڻ?? جي موضوع تي هڪ ڏينهن جي ڪانفر??س جي ميزباني ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ان ڪانفر??س جو اهتمام گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ عورتن جي حيثيت بابت گڏيل قومن جي ڪميشن جي 67 هين ا??لاس جي موقعي تي ڪري رهيو آهي. ڪانفر??س جو مقصد اسلام ۾ عورتن جي حقن بابت تصور ۽ حقيقت جي فرق کي ختم ڪرڻ ۽ مشهور مسلمان عورتن جي تجربن ۽ ڪاميابين جو جشن ملهائڻ آهي. ان فورم جو مقصد عورتن جي حيثيت بابت گڏيل قومن جي ڪميشن جي اجلاس جي موقعي تي هڪ سالياني پاليسي ڊائيلاگ قائم ڪرڻ آهي ته جيئن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ او آءِ سي ملڪن ۾ عورتن جي ڪردار کي اڳتي وڌائڻ جا موقعا ڳوليا وڃن.