اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيلي ميل جي معذرت مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي، شهباز شريف تي ڪن??ن به قسم جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، معافي ڊيلي ميل کي نه ع??ران خا?? ۽ ??هزاد اڪبر کي وٺڻ گهرجي، جن ڊيوڊ روز کي ڀر ۾ ويهاري شهباز شريف جي خلاف سازش ڪئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڊيلي ميل جي معافي سان رڳو شهباز شريف نه پر پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام سرخرو ٿي آهي. هن چيو ته ع??ران خا?? ۽ ??هزاد اڪبر شريف خاندان تي بي بنياد ۽ ڪوڙا الزام هنيا، عمران خان 2018ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو. هن چيو ته ع??ران خان نيب جو ريفرنس ڊيلي ميل وارن جي حوالي ڪيو هو، عمران خان ڊيوڊ روز کي گهرائي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري شهباز شريف جي خلاف سازش ڪئي ۽ ان کان ٽاڪ شوز ڪرايا، هي چوندا هئا ته شهباز شريف زلزلي سٽيلن جا پئسا کائي ويو، هنن ان شخص تي الزام هنيا جنهن 10 سال پنهنجي رت پگهر سان پنجاب کي ترقي ڏني. هن چيو ته ع??ران خا?? ۽ ??هزاد اڪبر ماڻهن جا پٽڪا لاٿا، انهن تي الزام هنيا، ڊيلي ميل جيڪي الزام هنيا ان تي هي عدالت ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته شهباز شريف جي خلاف پورو ڪيس ٽرائل مان گذريو جنهن کانپوءِ ڊيلي ميل شهباز شريف ک??ن غيرمشروط معافي ورتي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي مسلم ليگ (ن) جا سمورا اڳواڻ ڪرپشن جي ڪوڙن الزامن مان سرخرو ٿي رهيا آهن.