اسلام آبا??- 05 ڊسمبر (اي پي پي) آل ??اڪ??تان چائينز انٽر پرينيئور ايسوسيئيشن کُليل آسمان هيٺ ترسيل ٻوڏ متاثرن لاءِ 400 خيما عطيي طور ڏنا آهن ۽ مستقبل ۾ امداد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ چين جي سفارتخاني ۾ هڪ سادي پر شاندار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ خيما اسلام آباد وومين چيمبر جي صدر رضوانه آصف ۽ جمهوري وطن پارٽيءَ جي ڪوآرڊينيٽر مير چاڪر بگٽيءَ حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي آل ??اڪ??تان چائينز انٽر پرينيئور ايسوسيئيشن جي وائيس ??يئ??مين سن يو چينگ چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي مثالي آهي ۽ چين هر ڏُکي وقت ۾ ??اڪ??تان جي مدد جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي دوستي هر ايندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. آگسٽ 2022ع ۾ وزيراعظم جي رليف فنڊ ۾ 15.5 ملين جو عطيو پڻ جمع ٿي چڪو آهي جڏهن ته ان کان علاوه به ڪيترائي فلاحي ڪم شامل آهن.