اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان کي عدالت وڃڻ جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته عمران خان بس گهڻو ??ي ويو، فارن فنڊنگ، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو جو??ب ته ڏيڻو ??وندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گهڙيءَ عمران خان 2 ڪروڙ جي خريد ڪئي ۽ هينڊلر جي ذريعي 28 ڪروڙ جي وڪرو ڪئي، پئسا مني لانڊر ٿي پاڪستان آيا ۽ ڊڪليئر نه ڪيا وي??. هن چيو ته عمران خان پاڪستان، دبئي، مريخ يا پوءِ چنڊ تي ڪٿي به ڪيس ڪري، رسيدون ته اتي به ڏيڻيون پونديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ڀڀڪيُون نه هڻي، سوال اهو آهي ته گهڙيءَ 2 ڪروڙ جي خريد ڪئي 28 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪئي، پئسا پاڪستان فرح گوگي آندا ۽ پئسا ڊڪليئر نه ڪيا. هن چيو ته عمران خان اعلان نه ڪري، عدالت وڃڻ جي تاريخ ٻڌائي. عدالت وڃڻ جي تاريخ سان گڏ گهڙيءَ وڪرو ڪرڻ جي رسيد به ٽوئيٽ ڪري. هن چيو ته عمران خان 2 ڪروڙ ۾ گهڙيءَ خريد ڪري 28 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪئي ۽ ان کي ڊڪليئر نه ڪيو، ان ۾ شاهزيب، جيو ۽ مير ابراهيم جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن چيو ته عمران خان صاحب ٻڌائي ته گهڙيءَ جا پئسا پاڪستان ڪ??هن آندا ۽ ڪيئن آندا؟ هن چيو ته عمران خان توهان جا هينڊلرز فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر پڪڙيا وي?? آهن، عمران خان ٻين تي ڪوڙا الزام هڻي جڏهن ته پاڻ سڳ سُوڌو پڪڙيو ويو ته چيو ته بي بنياد الزام آهن. مريم ا??رنگزيب چيو ته عمران خان ڪ??ڙن الزامن تي سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو ۽ پاڻ تي ڏوهه ثابت ٿيو ته بي بنياد هُجڻ جو روڄ راڙو شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان توشه خانه ڪيس جي ڪنهن به نوٽيس جو جو??ب نه ڏنو ۽ ڪنهن جاچ ۾ شامل نه ٿيو.