اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بلڊنگ ريزيلينس ود ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچر پروگرام تحت 1.5 ارب ڊالر جي قرض جي معاهدي تي صحيحن ??ار?? تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ترقياتي حصيدارن خاص طور تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم بريس پروگرام تحت پاڪستان جي لاءِ 1.5 بلين آمريڪي ڊالر جي بجيٽ سپورٽ جي منظوري تي بئنڪ جي بورڊ جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم بئنڪ جي صدر ماساتوگو آساتاو ۽ سندس پوري ٽيم جي تازي موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ کي پڻ ساراهيو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي بئنڪ، يورپي يونين ۽ گڏيل قومن جي پاڪستان حڪومت سان حصيداري ۾ ڪئي ويندڙ پوسٽ ڊيميج نيڊز اسسمنٽ موجب تازي ٻوڏ سان پاڪستاني ??عي??ت کي 30 ارب ڊالر جو نقصان پهتو آهي. وزيراعظ?? ٻوڏ متاثرين جي مستقل بحالي تي زور ڏيندي اميد ظا??ر ڪئي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي 1.5 بلين ڊالر جو قرض پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. بئنڪ جي نائب صدر شاڪسن چي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ريمارڪس ۾ هن چيو ته بورڊ گذريل جمعي تي رقم جي منظوري ڏني هئي. ان قدم جو مقصد پاڪستان جي ??عي??ت کي درپيش مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آهي. هن وچولي ۽ ڊگهي مدي ??ار?? اقتصادي امڪانن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ناڻي ??ار?? وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن ??ار?? وفاقي وزير سردار اياز صادق، ڊائريڪٽر جنرل اي ڊي بي يوجين زوخوف کانسواءِ اي ڊي بي ۽ پاڪستان حڪومت جا اعليٰ عملدار ان موقعي تي موجود هئ??. اقتصادي معاملن ??ار?? ڊويزن جي سيڪريٽري ڪاظم نياز ۽ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيونگ يي معاهدي تي صحيحون ڪيون جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاهدي تي صحيحن ??ار?? تقريب ۾ شرڪت ڪئي.