اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻ??ڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ م??ن امدادي سامان جي ??مد جو سلسلو جاري آهي، گڏيل عرب امارات مان امدادي سامان کڻي هڪ سامونڊي جهاز گذريل ڏينهن ڪراچي پورٽ پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب جهاز ۾ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻ??ڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي سامان جا 30 ڪنٽينرز موجود آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني امداد جي گرمجوشي ۽ ٿورن سان آجيان ڪري ٿو.