اسلام ??باد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پوليو کان پاڪ پاڪستان اسان جو قومي مقصد آهي، بدقسمتي سان پاڪستا?? انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي پوليو جا مريض اڃا تائ??ن موجود آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پوليو جي خاتمي لاءِ گڏيل مشن طور قدم ک??ڻ گهرجن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته والدين کي اپيل آهي ته اهي پوليو ٽيمن سان تعاون ڪن، پوليو کان پاڪ پاڪستان اسان جو قومي مقصد آهي، ٻوڏ جي ڪري ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن تائين پهچ ڪٽجي وئي آهي ان لاءِ پوليو جي خلاف مهم هڪ چئلينج بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته پوليو جي خالف مهم ۾ ڪنهن به قسم جي سستي نه ٿيڻ گهرجي، اسان عالمي حصيدارن خاص طور تي بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي تعاون جا ٿورائتا آهيون.