اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) حڪومت ٻوڏ مت??ثر علائقن جي بحالي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وزيرا??ظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته عالمي ادارن کي ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين تي بريفنگ ڏني وڃي ۽ انهن کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران جاري ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو وڃي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سرندي وارن کي پرائيم منسٽر فلڊ ريليف فنڊ ۾ دل کولي عطيا جمع ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي. بيان موجب وزيراعظم مت??ثر علائقن ۾ 40 هزار تنبو ۽ هڪ لک راشن جا پيڪيٽس فوري طور تي موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيرا??ظم چيو ته ٻوڏ مت??ثر علائقن جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيرا??ظم لاڳاپيل سمورن ادارن کي مت??ثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ اي??رجنسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ٻوڏ سبب مت??ثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي بابت معاملن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، وزيرا??ظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب جي صوبائ?? اسيمبلي ميمبر اويس لغاري، اي?? ڊي اي?? اي چيئرمين جنرل اختر نواز ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.