اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم ش??باز شريف سان گڏ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر طلح??ٰ منان جي گهر وئي ۽ ان جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪ??ي. ان موقعي تي گهرڀاتين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهيد اسان جي قوم جو فخر آهن، اهي حق جي راهه جا شهيد آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. هن چيو ته پوري قوم ش??يد طلح??ٰ منان جهڙن جوانن کي جنم ڏيندڙ مائرن ۽ عزم ۽ استقامت جي پيڪر والدين تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته پ??ڪ فوج جو هر آفيسر ۽ جوان ملڪ جي خدمت سان سدائين سرشار رهيو آهي. شهيد طلح??ٰ منان جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيد طلح??ٰ منان جي والده سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد طلح??ٰ منان کي ان جي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو.