ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سُهيل راجپوت ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان چيو آهي ته ڏاڍ ۽ سختين سان ڪشمي??ي ڀائرن جو رستو نه ٿو روڪي سگهجي، ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي فوري بحال ڪري، مودي سرڪار پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته مودي سرڪار جي قدمن ۽ پاليسين سان خطي ۾ ??من کي سخت خطرا آهن، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ گڏيل قو??ون ان جو نوٽيس وٺن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام ڪشمي??ي ڀائرن جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄ?? س??ڌ ۾ ڪشمي??ي ڀائرن سان يڪجهتي جي لاءِ خصوصي پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن.