اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪو به معاشرو ع??رت?? کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، چونڊ قانونن جي حوالي سان عورت ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. اسپيڪر پارلياماني وومين ڪاڪس جي اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته پارلياماني وومين ڪاڪس پوري پاڪستان ۾ ع??رت?? جي ترجماني ڪري رهي آهي. پارلياماني وومين ڪاڪس بنا ڪنهن سياسي وابستگي جي سڄي ملڪ ۾ ع??رت?? جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جو خواب ع??رت?? ??ي شموليت کانسواءِ تعبير نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستاني ع??رت?? جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت ساراهه جوڳي آهي. عورت پارليامينٽ ميمبرن جي ع??رت?? جي حقن جي لاءِ قانونسازي جي عمل ۾ شموليت فخر جوڳي آهي. ع??رت?? جي حقن جي لاءِ دختر جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن وقت پارليامينٽ ۾ اهم قانونسازي جو عمل جاري آهي. پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي عمل ۾ ع??رت?? جو فعال ڪردار لازمي آهي. چونڊ سڌارن جي قانونسازي جي لاءِ ع??رت?? جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. ڪاڪس جي سيڪريٽري شاهده رحماني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اميد ڪريان ٿو ته شاهده رحماني جي سربراهي ۾ وومين ڪاڪس پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ?? ڪامياب ٿيندي. بطور اسپيڪر پارلياماني وومين ڪاڪس جي لاءِ پنهنجو هر ممڪن تعاون جاري رکندس. ڪاڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جا ڪاڪس اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. ڪاڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڪاڪس جي هدفن ۽ مقصدن کان آگاهه ڪيو.