اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ هنرمندي افرادي قوت جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڀرندڙ مارڪيٽ ر??حانن موجب وڌيڪ هنرمند پيشيور م??ڻه?? تيار ڪن، هنرمندي انساني وسيلن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ يونيورسٽي جي سينيٽ جي مي??بر?? شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي چيو ته يونيورسٽيون اڀرندڙ مارڪيٽ ر??حانن موجب وڌيڪ هنرمند پيشيور م??ڻه?? تيار ڪن، پاڪستان سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ هنرمند م??ڻه?? جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته شاگردن جو تعداد وڌائڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ لاءِ اسڪلز يونيورسٽي هڪ ??ميٽي جوڙي، هنرمندي افرادي قوت جي مارڪيٽ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ مختصر ڪورسز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ٻه شفٽون شروع ڪرڻيون پونديون، هنرمند انساني وسيلن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو، اجلاس ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي ٽئين اجلاس جي منٽس جي به منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ مير چاڪر خان رند يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، ڊيره غازي خان سان مفاهمت جي يادداشت جي به منظوري ڏني وئي، يادداشت تحت ادارن جي وچ ۾ تحقيق، تعليم ۽ پيشيوراڻي مهارت جي تربيتي پروگرامن کي فروغ ڏنو ويندو.