اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چي??رم??ن محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چي??رم??ن سينيٽر مرزا محمد آفريدي پشاور قصه خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بي??ن موجب سينيٽ چي??رم??ن چيو ته ملڪ دشمن عنصر پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف گڏ آهي، دهشتگرد امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چي??رم??ن چيو ته پاڪستان جي ترقي ک??ن ملڪ دشمن ڊنل آهن، دهشتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪم??ور نه ٿا ڪري سگهن. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيا??ي جي دعا ڪئي. محمد صادق سنجراڻي زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئي. سينيٽ جي دپٽي چي??رم??ن سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ پشاور قصه خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو.