اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ جي نئين تنظيمي عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته جنرل سيڪريٽري اسد عمر، سن?? جي علي حيدي زيدي، خيبرپخت??نخ??اهه جي پرويز خٽڪ، بلوچستان جي قاسم خان سوري، پنجاب جي شفقت محمود ۽ ڏکڻ پنجاب جي صدر خسرو بختيار تنظيمي معاملن کي بهترين انداز سان هلائيندا، وزيراعظم عمران خان پارٽي معاملن کي منظم ۽ فعال بڻائڻ جي لاءِ اهو قدم کنيو. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف واحد پارٽ?? آهي جنهن جي سمورين اڪائين ۾ نمائندگ?? آهي. سڄي ملڪ ۾ پارٽي ڪارڪن نئين قيادت کي مضبوط بڻائيندا. هن چيو ته انشاءَ الله خيبرپخت??نخ??اهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪنداسين.