اشڪ آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلامو فوبيا هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي، اسلامي برادري اسلامو فوبيا جي ??دارڪ جي لاءِ قدم کڻي، گلوبل وارمنگ هڪ اهم مسئلو آهي، گرمي پد ۾ گهٽتائي جي لاءِ ترقي يافته ملڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، افغانستان 40 سال جنگ کي منهن ڏنو آهي، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ تمام ضروري آهي، افغانستان ۾ امن ۽ اس??حڪ??م جي لاءِ مسلمان امت کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??رورت آهي، پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پوري دنيا جي معيشت ڪورونا وبا جي ڪري متاثر ٿي، ڪوويڊ 19 جي وبا جي ڪري عالمي سطح تي مهانگائي درپيش آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اشڪ آباد ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 15 هين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته واپاري ۽ اقتصادي رابطن جو فروغ وقت جي ??هم ضرورت آهي، ايڪو جو پليٽ فارم اقتصادي رابطن جي ??ضافي ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته مختلف ملڪن ۽ عالمي معيشتن جي ??ابطن جو فروغ ضروري آهي ته جيئن مستقبل ۾ گڏجي ??ڳتي وڌي سگهجي. هن چيو ته ايڪو جي ميمبر م??ڪن ۾ وسيلن جي گهڻائي آهي ۽ اسان جي گڏيل ثقافت، ورثو ۽ مذهب آهي. صدر چيو ته ايڪو جا ميمبر م??ڪ واپار، سيڙپڪاري، فنانس، ويليو چينج ۽ س??اجي ??ابطن سميت مختلف شعبن جي ??رقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ايڪو ملڪن جو گڏيل واپار انهن جي مجموعي واپار جي 8 سيڪڙو برابر آهي جنهن ۾ اضافو ضروري آهي. صدر عارف علوي چيو ته ايڪو جي متفقه ويزن 2025ع ۽ اسلام آباد پڌرنامي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو پوندو ته جيئن ايڪو ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ ۽ ري انشورنس ڪمپني قائم ڪري خودمختيا??ي حاصل ڪئي وڃي. هن چيو ته گڏيل رابطن جي فروغ جي لاءِ بنيادي ڍانچي جي ??رقي لاءِ قدمن جي ??رورت آهي. صدر چيو ته افغانستان 40 سال جنگ کي منهن ڏنو آهي ۽ جنگبندي کانپوءِ اتي انساني معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، سرديون اچي رهيون آهن، ان لاءِ بحران ۾ شدت جو خدشو آهي. هن چيو ته مسلمان امت افغانستان جي ??رقي، امن ۽ اس??حڪ??م جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ اس??حڪ??م پوري خطي جي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته اسان کي گڏجي ??فغانستان جي معاشي ترقي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ اس??حڪ??م خطي جي گڏيل رابطن جي فروغ لاءِ ضروري آهي. صدر چيو ته مسلمان ملڪ پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ هن وقت 35 کان 40 لک پناهگيرن جي ميزباني ڪئي پئي وڃي پر تعجب آهي ته انساني حقن جو درس ڏيندڙ ملڪ پناهگيرن کي پنهنجي ملڪن ۾ داخل ئي ٿيڻ نه ٿا ڏين. هن چيو ته اسان کي دنيا کي اهو سبق ڏيڻو پوندو ته اخلاقيات تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته مسلمان امت گڏجي ??المي سوچ ۾ تبديلي جي لاءِ اڳتي وڌي ته جيئن اسلامو فوبيا جي لهر جو خاتمو ڪري سگهجي. ڪورونا وائرس جي ??والي سان قومي معيشت بابت صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ??ڪمت عملي ۽ غريبن جي ??ربين رپين جي ??مداد ڪري معيشت کي بحال رکيو. هن چيو ته دنيا جي ??ڪثر م??ڪن ۾ ناڻي واڌ جا مسئلا درپيش آهن ۽ صارفين کي قيمتن ۾ اضافي کي منهن ڏيڻو پيو آهي جڏهن ته اسان جي ??ڪومت غريب طبقي جي معاونت جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته غريب ۽ گهٽ ترقي يافته ملڪن کان ڦريل رقم جي ??مير م??ڪن کي ترسيل روڪي ۽ اسان جا چوري ڪيل اثاثا اسان کي واپس ڪيا وڃن.