فيصل آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ??ي آءِ جي حڪومت گهٽ آمدني وارن طبقن جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ سدائين کان ڪوششون ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومتي پاليسين جو رخ نظرانداز ٿيل ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن طرف موڙي ڇڏيو آهي، جن کي تمام جلد ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم ذريعي بهترين سموريون ممڪن سهولتون ڏنيون وينديون. سبزي منڊي سدهار جي دوري ۽ انجمن تاجران سبزي منڊي سدهار فيصل آباد جي عهديدارن ۽ ميمبرن کي خطاب ۾ هن ??يو ته حڪومت اخوت ۽ ٻين اين جي اوز جي حصيداري سان اڳ ۾ ئي گهٽ آمدني وارن ماڻهن ??ي گهرن جي تعمير لاءِ بنا وياج ۽ آسان قسطن تي قرض ڏئي رهي آهي جيڪي 15 کان 20 سالن جي اندر واپس ڪرڻا پوندا. هن ??يو ته گهٽ آمدني وارا ماڻهو سڄي زندگي گهرن جو ڪرايو ڏيندا رهندا هئا پر گهر پوءِ انهن جا پنهنجا نه ٿيندا هئا جڏهن ته هاڻي حڪومت جي پاليسي جي ڪري اهي گهر جي ڪرايي جي برابر قسطن ۾ قرض واپس ڪري پنهنجي گهر جا مالڪ بڻجي سگهندا، اهڙي طرح حڪومت ننڍي ڪاروبارن جي لاءِ بنا وياج ۽ بنا گارنٽي جي 5 لک رپين تائين جا قرض ڏيڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي ۽ غريب ??اڻهن جي ڊيٽا نادرا سسٽم سان جوڙي وئي آهي. هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان غريبن جي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ هن سال جي آخر تائين پنجاب جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ ملي ويندو ۽ اهي پنهنجي پسند جي ڪنهن به اسپتال ۾ پسند جي ڊاڪٽر کان ساليانو 10 لک رپين تائين طبي علاج جا حقدار هوندا. مقامي م??ئلن بابت هن سبزي منڊي سدهار جي شيڊ ۽ رستن جي فوري تعمير ۽ مرمت ۽ رنگ روغن جي لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جو پڻ اعلان ڪيو. هن ??يو ته ان پراجيڪٽ جا ٽينڊر ايندڙ هفتي جاري ڪيا ويندا جنهن ??ان??وءِ ان منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو. هن ??يو ته سبزي منڊي سدهار کي جهنگ روڊ سان ڳنڍيندڙ سيم نالي سان گڏ رستا به تمام جلد ٻيهر تعمير ڪيا ويندا. هن ??يو ته حڪومت ”ميل آن ويل“ متعارف ڪراڻ تي پڻ غور ڪري رهي آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ احساس پروگرام تحت هڪ ئي م??ڊل جا ٺيلها ڏنا ويندا. فرخ حبيب چيو ته حڪومت سبزي منڊي سدهار کي هڪ مثالي منڊي بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي ڇو ته هي منڊي نه رڳو هزارين ماڻهن ??ي باعزت روزگار فراهم ڪري رهي آهي پر ڀرپاسي وارن ضلعن کي ميون ۽ ڀاڄين جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو پيو وڃي. هن ??يو ته هتي سيلاني لنگر پڻ متعارف ڪرايو ويندو ته جيئن غريب ??زدورن ۽ پورهيتن کي مفت کاڌو کارائي سگهجي. هن ??يو ته عمران خان جو مقصد ڪاروبار کي فروغ ڏئي غربت کي ختم ڪرڻ آهي تنهن ??ري ان سلسلي ۾ انهن ماڻهن ??ي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جيڪي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ چاهين ٿا. هن مارڪيٽ ڪميٽي سبزي منڊي سدهار جي انتظاميا ۽ ڊپٽي ڪمشنر فيصل آباد کي هدايت ڪئي ته اهي انجمن تاجران جي چونڊيل نمائندن سان گڏ ويهي انهن جي حقيقي م??ئلن کي اولين ترجيحي بنيادن تي حل ڪن. ان کان اڳ انجمن تاجران سبزي منڊي جي صدر ميان عامر حنيف اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب کي ڀليڪار ڪيو ۽ سبزي منڊي سدهار جي بنيادي م??ئلن تي روشني وڌي. هن مزدورن ۽ پورهيتن کي درپيش مسئلن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت انهن جي م??ئلن جي جلد حل جي لاءِ سمورن ممڪن قدمن کي يقيني بڻائيندي. بعد ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب ??ارڪيٽ جي م??تلف حصن جو دورو پڻ ڪيو.