اسلام آباد/ دوشنبي-25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت پوري خطي ??اء?? اقتصاد?? سهڪار وڌائڻ ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان برابر اهميت وارو آهي. اهڙو اظهار هن دوشنبي ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي الرحمان سان ملاقات ۾ ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق شاه محمود قريشي تاجڪستان جي صدر کي وزيراعظم عمران خان طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ اونها تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن جيڪي برابر مذهبي، تهذيبي ۽ ثقافتي بنيادن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت انهن ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ ??اء?? پرعزم آهي. پرڏيهي وزير تاجڪستان سان گڏيل دلچسپي جي ڊگهي مدي وارن شعبن ۾ ٻه طرفي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ تاجڪستان جي صدر کي افغانستان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. شاه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت سڄي خطي ??اء?? وڏي اهميت وارو آهي. شاه محمود قريشي گڏيل مقصدن کي ماڻڻ ??اء?? گڏيل ??ڪم?? عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀر??و. تاجڪستان جي صدر امام علي الرحمان چيو ته هو سيپٽمبر 2021ع تي دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائ?? سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي شرڪت جو منتظر آهي.