اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن ۽ م??تحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، افغانستان جو هڪ ٺوس سياسي حل هتان جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ جو بهترين رستو آهي، عا??مي برادري افغان عوام جي معاشي مدد ۽ نئين سر تعمير ۾ ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم عمران خان سان ابوظهبي جي و??ي عهد ۽ گڏيل عرب اماراتن جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن سان گڏوگڏ علائقائي اڳڀرائي خاص طور تي افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل عرب امارات سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي اهميت جي عزم کي ??رجايو. افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم زور ڏنو ته پرامن ۽ م??تحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي وسيع تر مفاد ۾ آهي، افغانستان جي عوام جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ سلامتي ۽ حفاظت کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو ٺوس سياسي حل هو. وزيراعظم عمران خان عا??مي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان عوام جي معاشي مدد ڪرڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ مدد جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته انساني ضرورتن کي ??ورو ڪرڻ ۽ افغانستان جي معاشي استحڪام کي ??قيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آمده ايڪسپو 2020ع جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي و??ي عهد کي ??بارڪباد ڏني. هن ان ميگا ايونٽ جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ و??ي عهد گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.