اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اه?? راندين جي بحالي ۽ نوجوانن ک?? راندين جي سهولتن جي فراهمي تي ??نهنجو ڌيان ڏين، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب جي اسڪولن ۾ ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ??ي ڪوششن جو جائزو وٺندي کيس خوشي ٿي آهي. سڄي پنجاب ۾ 870 اسڪول ۽ 231 ڪاليج گرائونڊز ۽ 355 راندين جا ميدان تيار ڪيا ويا آهن. وزيراعظم سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اه?? راندين جي بحالي ۽ نوجوانن ک?? راندين جي سهولتن جي فراهمي تي ??نهنجو ڌيان ڏين. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين طور پنهنجي 3 سالا مدي ۾ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني ??ي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو ملڪ ۾ پهريون ڀيرو علائقائي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو ڍانچو قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي ۾ احسان ماني ??ي ڪردار کي ساراهي ٿو.