مهمند – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مهمند ڊيم جو دورو ڪيو ۽ موقع?? تي جاري ڪم جو جائزو ورتو، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جرل (ر) مزمل حسين منصوب?? تي اڳڀرائي جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. مهمند ڊيم جو سنگ بنياد وزيراعظم عمران خان 2 مئي 2019ع ۾ رکيو هو، مهمند ڊيم درياءُ سوات تي قبائلي ضلعي مهمند ۾ تعمير ڪيو پيو وڃي، اهو گهڻ مقصد منصوبو ٻوڏ جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ، زراعت ۽ شهري ضرورتن لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ، سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندو. ٽي سئو نو ارب کان وڌيڪ (309.6) ارب روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ مهمند ڊيم جي اونچائي 213 ميٽر هوندي جنه?? ۾ 1.293 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي ۽ 800 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي.