اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته حڪومت کي اين آر او لاءِ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، مافياز چاهي ٿي ته اها قانون کان مٿانهين رهي، آبادگارن وٽ ايترو پئسو اچي ويو ??هي جو انهن وڏي تعداد ۾ ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ورتا آهن ۽ ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽريڪٽر وڪرو ٿيڻ جو رڪارڊ گذريل سال قائم ٿيو ??هي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ قانون جي بالادستي لاءِ قائم ٿي آهي، قانون جي سامهون سڀ برابر آهن، مخالفن کي خوف آهي ته ڪٿي حڪومت ڪامياب نه ٿي وڃي، کين پنهنجو سياسي موت نظر اچي رهيو ??هي ان لاءِ گوڙ ڪري رهيا آهن، صحت ڪارڊ تمام وڏو انقلاب آهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪنداسين، صنعت ۽ زراعت کي 50 سالن کانپوءِ مٿي کڻي رهيا آهيون، آبادگار ڪارڊ سان عام آبادگارن جي زندگي بدلجي ويندي، معاشري جي ڪمزور طبقن کي سڌو سنئون سبسڊيز ڏينداسين ۽ کين غربت مان ڪڍنداسين، اهڙا سڌارا متعارف ڪرائي رهيا آهيون ته سول ڪيسن جي فيصلا هڪ سال ۾ ٿين ۽ عام ماڻهن کي انصاف ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي نوڪنڊي ماشڪيل شاهراهه جي تع??ير جي منصوبي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم عمران خان چيو ??ه ماضي ۾ ڪنهن حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، بلوچستان جي ترقي سان پاڪستان کي ثمر حاصل ٿيندا، بلوچستان ۾ بهتر مواصلاتي رابطن جي ضرورت آهي، پاڪستان جي فيڊريشن جي مضبوطي ان سان لاڳاپيل آهي، هن چيو ??ه بلوچستان جي عوام جي احساس محرومي ختم ڪئي ويندي، ان رستي جي تع??ير سان بلوچستان ۽ پاڪستان کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ??ه اس??ن جي حڪومت آئي ته پهريون سال مالياتي مشڪلاتن ۾ گذريو، ڪنهن به حڪومت کي ايترو وڏو مالياتي خسارو ۽ معاشي مسئلا ورثي ۾ ناهن مليا، معاشي صورتحال اهڙي هئي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو هو ۽ جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ها ته غير ملڪي بئنڪن سان اس??ن جا رابطا ختم ٿي وڃن ها، روپئي جو قدر وڌيڪ ڪِري وڃي ها ۽ وڏي مهانگائي ٿي وڃي ها. وزيراعظم چيو ??ه ان کانپوءِ ڪورونا جو بحران اچي ويو، ڪو به ملڪ ڪورونا جي صورتحال کي اهڙي طرح منهن نه ڏنو جهڙي طرح پاڪستان، ڀارت ۾ صورتحال انتهائي خراب آهي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو اس??ن وڏي مشڪل وقت مان گذري ويا آهيون ۽ جيڪڏهن اس??ن ايس او پيز تي عمل ڪيو ??ه صورتحال وڌيڪ بهتر ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ??ه جيڪا مافياز اس??ن جي مخالف آهي انهن کي اهو ڊپ آهي ته ڪٿي اس??ن ڪامياب نه ٿي وڃون، ڪي پي ڪي ۾ اس??ن اتحادي حڪومت ۾ هئاسين، ڪي پي ڪي جي عوام ٻيو ڀيرو ڪڏهن ڪنهن کي اقتدار ناهي ڏنو پر اس??ن جي حڪومت نه رڳو ٻيهر اقتدار ۾ آئي پر خيبرپختونخوا جي عوام اس??ن کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏني جڏهن ته اس??ن جا مخالف سياسي پارٽين جو برو حال آهي، انهن کي اهو ڊپ آهي ته ڪٿي اس??ن پوري ملڪ ۾ ڪامياب نه ٿي وڃون ان لاءِ اهي گوڙ ڪري رهيا آهن ته حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، حقيقت ۾ انهن کي پنهنجو سياسي موت نظر اچي رهيو ??هي،